سکيا

پڪسل ليب ۾ سنڌي فونٽس ڪيئن لڳائجن

How to use Sindhi fonts with PixelLab

پڪسل ليب ھڪ اوپن سورس اينڊرائيڊ ايپليڪيشن آھي جيڪا استعمال ۾ نھايت سادي ۽ آسان آھي.

موبائيل فون ۾ پنھنجي تصويرن جي مٿان خوبصورت، من موھيندڙ لکتي نمونا،  ٿري ڊي  لکتون، شڪليون، اسٽيڪر ۽ مختلف قسمن جون ڊرائنگس لڳائڻ جي لاءِ پڪسل ليب کان وڌيڪ بھتر ايپ شايد ئي پلي اسٽور تي موجود ھجي.

نھايت ئي آسان ۽ صاف انٽرفيس سان موجود ھيءَ ايپليڪيشن اوھان کي پنھنجي تصويرن يا ڪنھن بہ قسم جي سوشل ميڊيائي تصويري ڀاڱيداري تيار ڪرڻ لاءِ زبردست مدد فراھم ڪري ٿي. پڪسل ليب ۾ 60 کان مٿي منفرد سھولتون موجود آھن. جن ذريعي اوھان پنھنجي تصويرن ٻيون مختلف قسم جي ڀاڱيندارين تي خوبصورت قسم جا لکتي نمونا تيار ڪري سگهو ٿا ۽ انھن لکتن کي ٿري ڊي شڪلين ۾ ٺاھي وڌيڪ پرڪشش بڻائي سگهو ٿا.

پلي اسٽور تان آسانيءَ سان پڪسل ليب کي ڊائون لوڊ ڪري سگهجي ٿو. جنھن جا گهڻا فيچرس تہ بلڪل مفت آھن.

پڪسل ليب جي سڀ کان بھترين ڳالهہ اھا آھي تہ ھن ۾ 100 کان مٿي فونٽ موجود آھن گڏ و گڏ اوھان پنھنجي مرضيءَ سان فونٽس پڻ ان ۾ ڳنڍي سگهو ٿا.

اھو ڪيئن اچو تہ ھيٺين تصويرن جي مدد سان پڪسل ليب ۾ پنھنجي مرضيءَ سان فونٽس ڳنڍڻ سکون ٿا.

سڀ کان پھرين پڪسل ليب ايپليڪيشن کي کوليو

Open PixelLab

New Text کي ايڊٽ ڪرڻ لاءِ مٿي پينسل کي چونڊيو

Edit Text in PixelLab

New Text ھٽائي پنھنجي مرضيءَ جو ڪجهہ بہ لکو

Type your own text in PixelLab

لکت ۾ پنھنجي مرضيءَ جو فونٽ لڳايو

Apply your own font in PixelLab

پنھنجي پسند جا فونٽ پڪسل ليب سان ڳنڍيو

How to add custom fonts in PixelLab

گهربل فونٽ فولڊر چونڊي ايڊ ڊائريڪٽري تي ڇُھو

Chose the font folder to import

فونٽ ڊائريڪٽري ايڊ ٿي وڃڻ کان پوءِ پنھنجي پسند جو فونٽ لکت تي لڳايو

Fonts imported in PixelLab

مڪمل ٿيو

Done

ھڪڙو تبصرو

پنھنجي راءِ ڏيو

Back to top button
%d bloggers like this: