محبتون

مئي | 11 | 2009

سنڌي ڪمپيوٽنگ جو باني سائين عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب لکي ٿو

توهان جي ويبسائيٽ، ماشاالله، اڳي کان به بھتر روپ ۾ سامھون آئي آهي. مکيه صفحي تي استعمال ڪيل فونٽ بيحد وڻندڙ ۽ خوبصورت فونٽ آهي. توهان سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڏيڍ سؤ کان به وڌيڪ تعداد ۾ فونٽ مھيا ڪري جيڪا ٻولي جي ڪمپيوٽنگ، انٽرنيٽ ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي حوالي سان خدمت ڪئي آهي سا سچ ته بيمثال آهي. شايد ئي ٻي ڪنھن ٻولي جي لاءِ ڪنھن هڪ شخص ايترا فونٽ مھيا ڪيا هوندا. توهان جي ويبسائيٽ جديد ٽيڪنالاجي ۽ قديم روحاني روايتن جو خوبصورت امتزاج آهي. توهان کي بيحد مبارڪون هجن جو اوهان سنڌ واسين کي هي خوبصورت تحفو ڏنو آهي. اميد اٿم ته ان مان وڌ ۾ وڌ لاڀ پرايو ويندو

اوهان جو مخلص
عبدالماجد ڀرڳڙي

Amar Fayyaz Buriro

مارچ| 13| 2021

ڪمپيوٽيشنل لنگويسٽ، تخليقڪار، ڊائريڪٽر عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لينگئيج انجينيئرنگ سائين امر فياض صاحب لکي ٿو

پنھنجي ماتر ٻوليءَ جي مشيني کيتر ۾ ائين سيوا ڪرڻ ڪو اوھان کان سِکي او منھنجا پيارا ثناءُ الله صارم سائين! جيڪا اوھان ملسل ڪري رھيا آھيو ۽ جنھن جو ميوو اوھان في سبيل الله سڀني کي کارائيندا پيا اچو. اوھان جي ھن نئين ويب سائيٽ جو ڏيک ۽ سٽاءُ ڏسي سچيءَ دل سان ساراھ نڪري رھي آھي. شل اوھان ائين لاڳيتو سنڌي ٻوليءَ جي منڊيءَ تي ٽِڪ جھڙا فونٽ ڏيندا رھو جيڪي دنيا جي ھر ھند ڪتب آندا وڃن. اوھان جي ھنن خدمتن جو اجر اوھان کي رب پاڪ پيو ڏيندو رھندو. منھنجي دلي دعا آھي تہ اوھان ٻوليءَ جي ائين خدمت ڪندا رھو جنھن جي بدلي مالڪ رب ڪريم اوھان جي نہ صرف سھڻي ناماچاري پيو ڪندو پر اوھان کي ايندڙ پود بہ اوھان جي نالي ۽ ساک جو پاڻي پيئندي رھندي. شل رب اوھان کي جهجهي ڄمار عطا ڪري. آمين

مارچ| 11| 2021

نوجوان تخليقڪار، انڊس ايل ايل سي جو سِي اِي او عباس ڪوريجو صاحب لکي ٿو

سنڌي ڪمپوٽنگ جي شروعاتي ڏينھنِ کان جن سڄڻن پنھنجي هڙان وڙان بنا معاوضي پنھنجي ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ ڪوششون پئي ورتيون آهن، تن ۾ ثناءُالله مڱڻيجو “صارم” پھرين صف جو سپاهي رهيو آهي. هن جا جوڙيل فونٽس نه فقط سنڌي ويب سائيٽن جي سونھن رهيا آهن پر پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي پڻ سجايا ويا آهن. هو اڪيلي سر فونٽ جوڙڻ جو ادارو ٿي رهيو آهي، معاوضي ۾ هڪڙي مسڪراهٽ مليس ٿي تڏهن به پاڻ کي سڦل سمجهي اڳتي نڪري پئي ٿو. هھڙي دجالي دور ۾ اهڙا موتي ڳولئي ناهن ملندا. سنڌي فونٽس ڊاٽ ڪام سڄي سنڌ جي ويب سائيٽ آهي. جديد ميدان جنگ ۾ صارِم ٻوليءَ جي چاهت جو سپاهي آهي.

سيپٽمبر| 22 | 2009

شاعر، تخليقڪار، سنڌي ڪمپيوٽنگ جو بنيادي رڪن ۽ سنڌ ويب ڊاٽڪام جو باني حبيب ساجد صاحب لکي ٿو

پيارا ثناءٌاللہ
مون کي عزيز صلاح ڏني تہ اوھانجي ويب سائيٽ وزٽ ڪيان. اوھان يقينًا زبردست ڪم ڪيو آھي خاص ڪري سنڌي فونٽس جي حوالي سان. مان اوھانجي ويبسائيٽ جي ايڊريس پنھنجي ويبسائيٽ سنڌ ويب تي ويبسائيٽن جي فھرست ۾ پھرين صفحي تي ان جي لوگو سميت لڳايان ٿو. پيارا ڪم کي جاري رکو. اسان سڀني سنڌين کي اوھان جي ڪم جو قدر آھي.
اوھانجو پنھنجو
حبيب ساجد
ڪوٽ مير محمد / خيرپور
www.sindhweb.com

مارچ| 11| 2021

ڪميپوٽر انجينيئر، ٿري ڊي اينيميٽر, نوجوان ويب ۽ گرافڪس ڊزائينر آغا مسيح اللہ خان پٺاڻ صاحب لکي ٿو

پيارا ثناءُاللھ
مونکي ياد آھي جڏھن پاڻ ھتي ھڪ علائقائي خانگي اسڪول ۾ گڏجي ڪم ڪندا ھئاسون تن ڏينھن ۾ امتحانن دوران پيپرن جي تياري لاءِ مونکي ٻانھن ٻيلي جي ضرورت ھئي جيڪا اوھان جي صورت ۾ پوري ٿي. سچ پچ بہ ھڪ اڌ ڏينھن ۾ مڪمل سنڌي ڪيبورڊ کي باقاعدي ياد ڪري اوھان جيڪا مونسان مدد شامل ڪئي تنھن مون کي حيران ڪري ڇڏيو ھو ۽ ھاڻي تمام گهڻي خوشي ٿو محسوس ڪيان تہ اھا دراصل اوھانجي سنڌي ٻوليءَ سان محبت ئي ھئي جنھن ڪيمين جھڙو ڳتيل ڪيبورڊ ياد ڪرڻ ۽ ٻئي ڏينھن کان ئي سنڌي ڪمپوزنگ شروع ڪرڻ ۾ اوھانجي مدد ڪئي. اھڙي طرح بعد ۾ سنڌي ڪمپيوٽنگ ۾ فونٽ ڊزائننگ واري حصي ۾ اوھانجي نويڪلي ڪم تي يقيناً مون سميت ھر سنڌيءَ کي فخر آھي. ساٿ سلامت

Slider
Back to top button